دو تارو

دو تارو: هي لوڪ موسيقيءَ جو تارن وارو ساز آهي، جنهن ۾ ٻه تارون ٿين. دوتارو سنڌي ساز آهي، جيڪو بنگال جي دوتاري کان ڌار آهي. بنگال جو دوتارو ڪابلي رباب جهڙو آهي. سنڌي دوتاري ۾ ٻه تارون ٿين، پر هڪ تار، ٻيءَ کان ٿورو هيٺ ٿيندي آهي ۽ ڦنڊڪ پهرين هيٺينءَ تار کي لڳندي آهي، پوءِ ساڳي مٿينءَ تار کي لڳندي آهي ۽ موٽ تي مٿينءَ تار کي لڳي، پوءِ هيٺينءَ تار کي لڳندي آهي، جنهنڪري تارن جي جهانءِ متل رهندي آهي. هن ساز ۾ هڪ تار تال يا لئي جهلائڻ ۽ ٻي تار آس جو ڪم ڏيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو